خيبرپختونخواهه حڪومت وفاق کي سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

news-details

پشاور: (ٌڇنڇر: 24 سيپٽمبر 2022ع) خيبرپختونخواهه حڪومت وفاق کي اسلام آباد جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس دستا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
خيبرپختونخواهه جي حڪومت تحريڪ انصاف جي امڪاني احتجاج ۽ لانگ مارچ جي لاءِ وفاق کي اسلام آباد جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس دستا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪهڙا دهشتگرد اچي رهيا آهن؟ وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا5الله ڪهڙي شيءَ جي سيڪيورٽي گهري رهيو آهي.
هن چيو ته راڻا ثناءُالله کي هڪ اهلڪار به نه ڏينداسين. اسان کي سيڪيورٽي جي پنهنجي صوبي ۾ ضرورت آهي. خيبرپختونخواهه جي افغانستان سان گڏ سرحد آهي. سيڪيورٽي وفاقي جو ڪم آهي پر اهو ڪم به اسان ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي سيڪيورٽي اسان پنهنجي عاوم جي لاءِ رکي آهي. اسلام آباد ۾ جيڪڏهن احتجاج ٿئي ٿو ته اهي احتجاج اڳ به ٿيندا رهيا آهن. راڻا ثناءُالله شهباز شريف سان ملي ماڊل ٽائون ۾ جيڪو ڪيو اهو ٻيهر ڪرڻ چاهي ٿو.
ياد رهي ته وفاق تحريڪ انصاف جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي صوبن کان پوليس، رينجرز ۽ ايف سي جا 30 هزار اهلڪار طلب ڪيا آهن. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله نفري نه ڏيڻ جي صورت ۾ صوبن خلاف ڪارروائي جو اشارو به ڏنو آهي.