پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جو پنجون ٽي ٽوئنٽي اڄ قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو

news-details

لاهور: (اربع: 28 سيپٽمبر 2022ع) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏجندڙ سيريز جو پنجون ٽي ٽوئنٽي اڄ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.
7 ميچز تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جا 4 ميچ ڪراچي ۾ کيڏيا ويا. جڏهن ته بقايا ميچز هاڻ لاهور ۾ ٿيندا. سيريز 2-2 کان برابر آهي. پاڪستان طرفان شاداب خان ۽ نسيم شاهه کي کيڏائڻ جو امڪان آهي.
قومي ٽيم جي آل رائونڊر محمد نواز چيو آهي ته ڪوشش آهي ته تاريخي سيريز پنهنجي نالي ڪنداسين. ميچ پاڪستاني وقت موجب شام جو ساڍي 7 وڳي شروع ٿيندو.