پاڪستاني روپئي جي اڏام جاري، آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو

news-details

ڪراچي: (اربع: 28 سيپٽمبر 2022ع) پاڪستاني روپئي جي اڏام جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو آهي.
انٽربئنڪ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي مستحڪم ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. فاريڪس انڊيڪس موجب انٽربئنڪ ۾ ڊالر 2 روپيه 41 پئسا سستو ٿي ويو جنهن کان پوءِ ڊالر 231 روپيه 50 پئسن تي وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس ۾ 127 پوائنٽن جو اضافو ٿيو آهي. ڪاروبار دوران انڊيڪس 41 هزار 600 کان وڌيڪ پوائنٽن جي سطح تي وڪرو ٿيندي ڏٺو ويو.