سنڌ هاءِ ڪورٽ حريم شاهه کي ملڪ واپسي تي گرفتاري کان روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

news-details

ڪراچي: (خميس: 29 سيپٽمبر 2022ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه کي پاڪستان واپسي تي گرفتاري کان روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. حريم شاهه کي ملڪ واپسي تي گرفتاري کان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته حريم شاهه چاهي ته ملڪ واپسي تي گرفتاري کان بچڻ جي درخواست ڏئي سگهي ٿي.
جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حريم شاهه کي اڳ به تحفظ ڏنو هو پر درخواستگذار حريم شاهه عدالتي حڪم نامي جو غلط فائدو کنيو.
جسٽس ڪي ڪي آغا وڌيڪ چيو ته هي اهائي عورت آهي جنهن رقم ظاهر ڪئي ۽ مني لانڊرنگ جي دعويٰ ڪئي هئي. عدالت سان راند کيڏڻ بند ڪئي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته ايف آءِ اي کي جاچ کان نٿو روڪي سگهجي.