news-details

حڪومت پاران آءِ ايم ايف جي راضپي کان پوءِ پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (خميس: 29 سيپٽمبر 2022ع) آءِ ايم ايف پاران پيٽرول تي لڳايل ٽيڪس 3 مهينن لاءِ منجمد ڪرڻ جو راضپو ظاهر ڪرڻ کان پوءِ ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.
رپورٽ موجب آءِ ايم ايف پيٽروليم شين تي لڳايل ليوي ٽيڪس 3 مهينن لاءِ منجمد ڪرڻ تي اصولي راضپو ظاهر ڪيو آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو اعلان سڀاڻي ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڃان آءِ ايم ايف سان ڪوبه حتمي معاهدو ناهي ٿيو. آءِ ايم ايف معاهدي تحت جنوري 2023 تائين پيٽرول تي پيٽروليم ليوي 50 روپيه في ليٽر وڌائڻي آهي.
ياد رهي ته پيٽرول تي هن وقت 37.42 روپيه في ليٽر جي لڳ ڀڳ پيٽروليم ليوي لڳل آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊل ڊيزل تي 7.35 روپيه في ليٽر جي لڳ ڀڳ آهي. ان کان علاوه گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل آئل تي 10 روپيه في ليٽر پيٽروليم ليوي لڳل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل آئل في ليٽر پيٽروليم ليوي لاڳيتو وڌائي 50 روپيه ڪيو ويندو.