چونڊن جو مطالبو ڪرڻ ٻوڏ متاثرن جي زندگين سان گيڏڻ برابر آهي: بلاول ڀٽو

news-details

واشنگٽن: (خميس: 29 سيپٽمبر 2022ع) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن وقت چونڊن جو مطالبو ڪرڻ وارا ٻوڏ متاثرن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن.
واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته اسد مجيد پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي. غير ذميواراڻو ڪم خان صاحب ڪيو. غلطي عمران خان ڪري ۽ سزا اسد مجيد کي ملي اها ناانصافي آهي.
هن چيو ته عمران خان اسان جي پرڏيهي لاڳاپن کي نقصان پهچايو. ٻوڏ متاثرين جي مدد پهريان ۽ سياست پوءِ جو ڪم آهي. جيڪو هن وقت سياست ڪري رهيو آهي اهو اصل ۾ ٻوڏ متاثرين جي زندگي سان کيڏي رهيو آهي چونڊن جو مطالبو ٻوڏ متاثرن جي زندگين سان کيڏڻ برابر آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ جيترو به ڪري سگهجي اهو ناڪافي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت کي موسمياتي تبديلين بابت ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. موسمياتي تبديلي جي شڪار 10 وڏن ماڻهن کي ملي آواز اٿارڻو پوندو. ٻوڏ متاثرين جي مدد پهرين ۽ سياست پوءِ جو ڪم آهي.