جنهن ڪوڙا الزام لڳايا اڄ ان ماڻهو جو چهرو ڏسڻ چاهيان ٿي، مريم نواز عمران خان خلاف جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (خميس: 29 سيپٽمبر 2022ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز عمران خان خلاف اعليٰ اختياراتي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته جنهن ماڻهو ڪوڙا الزام لڳايا اڄ ان جو چهرو ڏسڻ چاهيان ٿي رب پاڪ ان کي ناڪام ڪيو ۽ کيس سازشي به ثابت ڪيو.
مريم نواز چيو ته اسحاق ڊار جنهن وزيراعظم جي جهاز تي ويو هو ان سان گڏ واپس آيو جنهن اسحاق ڊار مٿان الزام لڳايو انهن ئي اسحاق ڊار کان حلف ورتو. نواز شريف به جلد ملڪ واپس ايندو.
مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته عمران خان وزيراعظم آفيس ۾ ويهي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي. عمران خان تون هڪ بي وس انسان آهين، بي اعتمادي رٿ تي جون منٿون ڪامياب نه ٿيون ته اوهان سازشن جو ڊرامو ڪيو. هن سازشي کان ملڪ کي بچائڻ اسان جو فرض آهي.
مريم نواز چيو ته راند راند ۾ عمران خان ملڪ سان کيڏي ويو. هن ڪوڙي سازش جي آڙ ۾ سڀ ڪجهه ڪندو رهيو. آءِ ايم ايف جي ڊيل ۾ تحريڪ انصاف رنڊڪون وڌيون. پاڪستان کي پئسا نه ملن ها ته اهو ڊيفالٽر ٿي وڃي ها.
مريم نواز عمران خان خلاف اعليٰ اختياراتي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته عمران خان ڪنهن جو لاڏلو هوندو ته ڀلي رهي پر هو اسان جو لاڏلو نه آهي. عمران خان جعلسازي جي بنياد تي پاڪ فوج ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ اسد مجيد کي گهرائي جاچ ڪئي وڃي. وزيرن ۽ حساس ادارن جي آفيسرن کي به جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. جاچ نٿا ڪري سگهو ته ڪمبل ويڙهي سمهي رهو.
آڊيو ليڪ بابت سوال تي مريم نواز چيو ته منهنجي آڊيو ليڪ ۾ عمران خان ۽ ان جو ڪوچ شامل آهي. منهنجي ناٺي جي اڌ مشينري عمران خان جي حڪومت واري دور ۾ آئي هئي. وزيراعظم شهباز شريف اڌ مشينري ڀارت کان گهرائڻ جي اجازت ناهي ڏني.