چورن کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، عوام کي ملڪ جي مستقبل لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو: عمران خان

news-details

مظفرآباد: (خميس: 29 سيپٽمبر 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چورن کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين.
مظفر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ مٿان چورن کي مڙهيو ويو آهي اسان هنن چورن کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين جيڪي سمجهن ٿا ته اسان چورن کي قبول ڪنداسين انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اها سندن غلط فهمي آهي جلد مان سڏ ڏيندس. مان پنهنجي تياري مڪمل ڪري رهيو آهيان. مان جڏهن به سڏ ڏيان تڏهن عوام کي ملڪ جي مستقبل لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو.
عمران خان چيو ته 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي ته اسان ڀارت سان سمورا لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا. اسان مٿان مڙهيل چورن کي شرم اچڻ گهرجي. هي ڀارت سان لڪي لاڳاپا وڌائي رهيا آهن هنن جو خدا صرف پئسو آهي هنن کي رڳو پئسا نظر ايندا آهن.
عمران خان چيو ته شهباز شريف جو ٿورائتو آهيان انهن منهنجي پرنسپل سيڪريٽري سان ڳالهيون ليڪ ڪري ڇڏيون. شهباز شريف مون کي نقصان پهچائڻ چاهيو ٿي پر هن پنهنجو ئي ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. عمران خان چيو ته ڪشميري عوام واعدو ڪري ته ضمير وڪرو ڪندڙن کي اسيمبلين ۾ اچڻ نه ڏئي ڇو ته اها جمهوريت ۽ اوهان جي ووٽ جي توهين آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز شريف آمريڪا ۾ مهانگي هوٽل ۾ ترسيو، سنڌ جا ماڻهو ٻوڏ جي عذاب ۾ مبتلا آهن پر بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا ۾ ڪهاڻيون ٻڌائي رهيو آهي. اسحاق ڊار تي تنقيد ڪندي عمران خان چيو ته هي ماڻهو 5 سالن کان پوءِ واپس آيو آهي. جيڪو ڪرپشن ڪيسز کان ڊڄي ٻاهر ڀڄي ويو هو جڏهن نيب هن کان اربين روپين جي ملڪيت جو پڇيو ته هو پرڏيهه ڀڄي ويو. اهڙي قسم جي ماڻهن کي جيڪڏهن اسان اين آر او ڏينداسين ته جيلن ۾ ماڻهن کي قيد ڇو ڪيو ويو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته رب پاڪ اسان کي برائي خلاف وڙهڻ جو حڪم ڏنو آهي. عمران خان چيو ته اسحاق ڊار جڏهن به ناڻي وارو وزير بڻيو تڏهن ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيو آهي. 2018 ۾ هي ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو واپاري خسارو ڇڏي ويو. جيڪڏهن اسان اڃان به خاموش رهياسين ۽ هر شيءَ کي برداشت ڪيو ته پوءِ اسان ۾ ۽ رڍن ٻڪرين ۾ ڪوبه فرق نه رهندو.