اسلام آباد: (خميس: 29 سيپٽمبر 2022ع) مريم نواز جي بريت کان پوءِ هاڻ نوازشريف ملڪ واپسي جي تياري شروع ڪري ڏني آهي. هن وڪيلن کي جلد عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته منهنجو هڪ ڏينهن به ٻاهر گذارڻ هاڻ ڳرو ٿي ويو آهي.
رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن(ر) صفدر جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بريت کان پوءِ پارٽي اڳواڻ ميان نوازشريف ملڪ واپسي جي تياري شروع ڪري ڏني. ن ليگي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ عدالت کان ايندڙ فيصلي جي روشني ۾ نوازشريف ملڪ واپسي جو فيصلو ڪيو آهي.
نوازشريف ملڪ واپسي جي لاءِ وڪيلن کي جلد عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. قانوني ٽيم جلد عدالت سان رابطو ڪندي. رپورٽ موجب جيڪو ڪيس مريم نواز جي مٿان هو اهوئي ايون فيلڊ ريفرنس نوازشريف مٿان موجود آهي. جنهن ۾ نواز شريف کي چيو ويو هو ته هو پهريان عدالت جي سامهون پيش ٿئي پوءِ ان ڪيس جو فيصلو ڪيو ويندو.
ڪيس ۾ نامزد مريم نواز لاڳيتو عدالت ۾ پيش ٿيندي رهي آهي ۽ سندس اپيل تي اڄ کيس بري ڪيو ويو. اهڙي طرح ساڳيو ڪيس هاڻ نوازشريف تي به آهي اهو به پيش ٿي بري ٿي ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف به هاڻ جلد ضمانت جي لاءِ درخواست داخل ڪندو جنهن کان پوءِ هو ملڪ واپس اچي عدالتن کي منهن ڏيندو ۽ نوازشريف به مريم نواز جيان اپيل داخل ڪندو جهڙي طرح مريم نواز داخل ڪئي.