موسمياتي تبديليءَ ھڪ حقيقت آهي جنھن سان اسان سڀني کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو: اسسٽنٽ ڪمشنر ڪيٽي بندر

news-details

ڪيٽي بندر/ٺٽو: ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي سهڪار سان دريائن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تعلقه ڪيٽي بندر ۾ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب ۾ مُختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.

تقريب جي شرڪاء سان خطاب ڪندي مهمان خصوصي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪيٽي بندر عرفان نظاماڻي چيو ته درياءَ سنڌ جي ڊيلٽا ۾ پاڻي اچڻ سان تمر جي ٻيلن تي ڪافي سٺا اثرات پوندا.

ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته موسمياتي تبديليءَ ھڪ حقيقت آهي جنھن سان اسان سڀني کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو.

اسسٽنٽ ڪمشنر ڪيٽي بندر چيو ته اڄ اسان کي عزم ڪرڻو پوندو ته ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسان پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ايندڙ نسل کي هڪ سٺو ماحول فراهم ڪيون.