مسٽر پيوٽن اوهان اسان کي ڊيڄاري نٿا سگهو: جوبائيڊن جي روسي صدر کي وارننگ

news-details

واشنگٽن: (ڇنڇر: 01 آڪٽوبر 2022ع) آمريڪي صدر جوبائيڊن روسي هم منصب جي تازي تقرير کان پوءِ کيس خبردار ڪري ڇڏيو آهي.
روسي صدر پيوٽن گذريل ڏينهن يوڪرين جي 4 علائقن کي ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان موقعي تي هن خطي جي دفاع لاءِ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي به ڌمڪي ڏني هئي.
روسي صدر چيو هو ته آمريڪا ٻئين عالمي جنگ ۾ جاپان خلاف ايٽمي هٿيار استعمال ڪري هڪ مثال قائم ڪئي آهي. هن چيو ته يوڪرين جي جن علائقن کي ضم ڪيو ويو اهي هاڻ هميشه روس جو حصو رهندا.
روسي صدر جي بيان تي آمريڪي صدر پنهنجي رد عمل ۾ پيوٽن کي هڪ لاپرواهه شخص قرار ڏنو ۽ چيو ته پيوٽن اسان کي ڊيڄاري نٿو سگهي. آمريڪا ۽ سندس اتحادي ڊڄي نٿا سگهن.
وائيٽ هائوس ۾ تقريب کي خطاب دوران جوبائيڊن روسي صدر کي وارننگ ڏني ۽ سڌو سنئون مخاطب ٿيندي آڱر ڪيمري طرف کنئي. جوبائيڊن چيو ته آمريڪا پنهنجي نيٽو اتحادي سان گڏ نيٽو زمين جي هڪ هڪ انچ جي دفاع جي لاءِ مڪمل تيار آهي.
مسٽر پيوٽن اوهان ان کي غلط نه سمجهو جيڪو مان چئي رهيو آهيان هڪ انچ. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل روس جي ان الحاق کي انتهائي سنجيده قرار ڏنو آهي.