ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 2 دهشتگرد مارجي ويا، 4 اهلڪار زخمي

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر: 01 آڪٽوبر 2022ع) سي ٽي ڊي جي مبينه دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 2 مبينه دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته 4 اهلڪار به زخمي ٿي پيا.
ڪراچي جي علائقي تيسر ٽائون ۾ سي ٽي ڊي ٽيم جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو. سي ٽي ڊي جي مبينه دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني.
سي ٽي ڊي ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب جوابدارن جي فائرنگ سبب 3 پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا. زخمي سي ٽي ڊي اهلڪارن ۾ عابد، اشعر خان، عرفان ۽ مولابخش شامل آهن. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي چيو آهي ته رات دير سان سي ٽي ڊي جي ٽيم جوابدارن جي ٺڪاڻي تي ڇاپو هنيو هو.
ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ موجب ڇاپي دوران هڪ عورت ۽ هڪ ٻارڙي کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي جنهن گهر تي ڇاپو هنيو ويو ان جو هڪ ڪمرو اڃان تائين بند آهي شڪ آهي ته گهر اندر بارودي مواد موجود آهي. فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ 2 اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.