ٻوڏ جون تباهيون: گڏيل قومن کان وڌيڪ 60 ڪروڙ ڊالر امداد وٺڻ جو فيصلو

news-details

اسلام آباد: (ڇنڇر: 01 آڪٽوبر 2022ع) حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن کان 60 ڪروڙ ڊالر جي امداد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
حڪومتي ذريعن موجب اقتصادي معاملن واري وزارت گڏيل قومن کان 60 ڪروڙ ڊالر امداد جي لاءِ درخواست ڪندي. گڏيل قومن کان انساني همدردي جي اپيل شروع ڪرڻ تحت امداد گهري ويندي. اها رقم ٻوڏ سبب متاثر علائقن کي خوراڪ، پناهه گاهن، طبي سهوليتن جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 15 آڪٽوبر تائين ٻوڏ تي تيار حتمي رپورٽون به گڏيل قومن کي ڏنيون وينديون. گڏيل قومن کي متاثر علائقن ۾ وبائي مرض سبب پکڙجندڙ بيمارين جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويندو.
اقتصادي معاملن واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن طرفان هن وقت تائين 16 ڪروڙ ڊالر جي امداد ڏني وئي آهي ۽ اها رقم ملڻ جي صورت ۾ گڏيل قومن کان ملندڙ امدادي رقم 76 ڪروڙ ڊالر ٿي ويندي.