سجاول ۾ نينگر سان بدفعلي، وارثن پاران انصاف جي اپيل

news-details

سجاول (رپورٽ: نديم ميمڻ) سجاول ۾ وحشي جوابدارن نينگر سان جنسي زيادتي کي ڪرڻ کانپوءِ کيس بيهوشي واري حالت ۾ اڇلائي ڇڏيو، جوابدارن جي سڃاڻپ ٿيڻ باوجود پوليس کين گرفتار ناهي ڪري سگهي.
سجاول جي ڳوٺ سومار پارهيڙي ۾ پنج وحشي جوابدار ٻڪريون چاريندڙ نينگر ظهير پُٽ فاروق پارهيڙي کي جنسي زيادتي جو نشان بڻائڻ کانپوءِ کيس بيهوشي واري حالت ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا.
اطلاع ملڻ تي وارثن پهچي نينگر کي کڻائي سول اسپتال پهچايو.
ان موقعي تي جنسي زيادتي جي شڪار ٿيل نينگر جي پيءُ فاروق پارهيڙي ٻڌايو ته هُن جو پٽ ٻڪريون چارڻ لاء ويو هو، جتي کيس پنج جوابدارن معشوق شاهه، متلو شاهه، شاهجان شاهه، مصري شاهه ۽ عرس پٺاڻ نشو ڏئي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو.
هنن چيو ته واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو آهي ان باوجود جوابدارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، جوابدارن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.