news-details

شھدادپور لڳ گهرو اڻبڻت کان تنگ ٿي پنج ٻارن جي ماءُ آپگهات ڪري ڇڏيو

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور لڳ سرهاڙي شهر جي مڇر ڪالوني ۾ 5 ٻارن جي ماءُ شڪيلا بروهي گھرو اڻبڻت کان تنگ ٿي مبينا طور زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو.
جڏهن ته اطلاع تي سرهاڙي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ شهدادپور اسپتال کڻائي آئي جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
جڏهن ته سرهاڙي پوليس ٻڌايو ته جاچ ڪئي پئي وڃي وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي.
هوڏانهن مڙس فهيم بروهي الزام هڻندي چيو ته منهنجي گهر واري کي گزريل ڪيترن ئي مھينن کان شاهد بروهي غلط تعلقات رکڻ لاءِ کيس تنگ ڪندو هو، جنهن کان تنگ ٿي ڪري زهريلي دوا پي انت آندو آهي.