news-details

پاڪ فوج غير سياسي رهڻ جي فيصلي تي ثابت قدم رهندي: آرمي چيف

دبئي: (سومر: 28 نومبر 2022ع) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج غير سياسي رهڻ جي فيصلي تي قائم رهندي. عرب اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جي غير سياسي رهڻ باوجود ڪجهه ماڻهن طرفان تنقيد جو نشانو بنايو ويو. غير سياسي رهڻ سان فوج جا عوام سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. غير سياسي هجڻ سان رياستي اداري کي پنهنجا معاملا انجام ڏيڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿيندي. سياسي معاملن ۾ مداخلت سان عوام ۽ پاڪ فوج ۾ ويجهڙائي ختم ٿي ويندي. پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب سميت مختلف ملڪن طرفان مدد تي سندن ٿورائتا آهيون. پاڪستان هميشه وچ اوڀر جي ملڪن جي مفادن جي تحفظ جي حمايت ڪئي ۽ آئنده به ڪندو رهندو.
آرمي چيف چيو ته آپريشن ردالفساد جو مقصد دهشتگردن ۽ انتهاپسند گروپن جو خاتمو ڪرڻ هو، اسان دهشتگردن ۽ ان جي سهولتڪارن خلاف ڪاميابيون حاصل ڪيون. مشڪل ترين وقت ۾ دنيا جي بهترين فوجي طاقتن مان هڪ خدمت ۽ قيادت اعزاز آهي. 4 ڏهاڪن کان پاڪ فوج کي هڪ طاقت جي طور تي ڏٺو ويو.
جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته اسان محدود وسيلن جو بهترين استعمال ڪندي پاڻ کي جديد تضاضن سان هم آهنگ ڪيو. مستقبل ۾ پاڪ فوج کي مضبوط ۽ هڪ جديد فورس جي طور تي ڏسان ٿو. ڪابه قوم صرف دفاعي طاقت سبب محفوظ ناهي هوندي. اسان نوجوانن کان سواءِ ڪامياب نٿا ٿي سگهون. اسان جي نوجوان نسل جي ٽوٽل آبادي 60 سيڪڙو آهي.
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه وڌيڪ چيو ته هٿياربند ملڪ فوج جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم طرفان پنهنجي طاقت ۽ حمايت حاصل ڪندي آهي. نوجوان نسل پنهنجو وقت ۽ توانائي تعليم ۽ هنر جي لاءِ وقف ڪن. ايمانداري ۽ محنت ترقي پسند معاشري جي بنياد آهي.