news-details

دهشتگردي جي انت واري عدالت عمران خان کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (سومر: 28 نومبر 2022ع) دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.
سنگجاڻي ٿاڻي ۾ داخل احتجاجي مظاهري ۽ سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج راجا جواد عباس ڪئي.
ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان زخمي آهي، سفر نٿو ڪري سگهي جنهن تي عدالت چيو ته عمران خان هڪ سياسي اجتماع ۾ موجود هو، هن ڪيس کي وڌيڪ دير التوا جو شڪار نٿا بڻائي سگهون. عدالت پڇاڻو ڪيو ته عمران خان اسلام آباد ۾ موجود آهي يا لاهور؟ بابر اعواڻ ٻڌايو ته عمران خان هن وقت لاهور ۾ موجود آهي.
دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ وڪيل بابر اعواڻ عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي عمران خان جي پيشي هر صورت ۾ يقيني بنايو. وڪيل چيو ته عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر اسلام آباد انتظاميه عمران خان کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه پئي ڏئي جنهن تي عدالت سوال ڪيو ته ڇا عمران خان کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جو حڪم نامو اوهان وٽ موجود آهي؟
بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته حڪم نامو لکت ۾ ناهي ڏنو ويو صرف زباني چيو ويو آهي. عدالت چيو ته عمران خان جي داخلا جي معاملي تي عدالت انتظاميه کان وضاحت به طلب ڪري سگهي ٿي جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.