اسلام آباد: (سومر: 28 نومبر 2022ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور خلاف داخل 13 ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور خلاف 25 مئي جي لانگ مارچ دوران باهين ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي احتجاج کان پوءِ اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ 13 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا جنهن کي ختم ڪرائڻ لاءِ علي امين گنڊاپور اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري علي امين گنڊاپور مٿان داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد جي 15 ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ۽ جاچ آفيسر عدالت جي سامهون پيش ٿيا.
علي امين گنڊاپور خلاف ثبوت پيش نه ڪرڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس طارق محمود جهانگيري پوليس آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته هاءِ ڪورٽ مان جڏهن نوٽيس ايندو آهي ته رات جو ننڊ به نه اچڻ گهرجي. اسان جڏهن وڪيل هئاسين ته اسان کي رات جو ننڊ نه ايندي هئي جڏهن صبح عدالت ۾ پيش ٿيڻو هوندو.
جسٽس طارق محمود جهانگيري ريمارڪس ڏنا ته هي ڪو طريقو ته نه آهي، پرچا ڏيو سڀني کي اندر ڪري ٿا ڇڏيون، نوڪري اچڻ وڃڻ واري شيءَ آهي، سرڪاري ڪم صحيح طريقي سان ڪريو، صرف خانه پوري مڪمل نه ڪريو.
عدالت ايس ايڇ اوز ۽ جاچ آفيسر جي بيانن کان پوءِ علي امين خلاف داخل ڪيس ختم ڪري ڇڏيا جڏهن ته 2 ڪيسن خلاف درخواستون علي امين گنڊاپور جي وڪيل واپس وٺي ڇڏي.