news-details

پيپلزپارٽي هر ڏکئي دور ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: (اڱارو: 29 نومبر 2022ع) حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي پاران يوم تاسيس جي موقعي تي راول هائوس ٽنڊوڄام ۾ هڪ وڏو جلسي عام مقرر ڪري پارٽي جي جدوجهد ۽ ڏنل قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.
راول هائوس ٽنڊو ڄام ۾ منعقد يوم تاسيس جي جلسي کي پ پ جي جهنڊن ۽ پارٽي قيادت جي جهنڊن سان سينگاريو ويو.
پيپلزپارٽي پاران منعقد ڪيل جلسي کي سڌ سماءُ جي وزير شرجيل ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته ماڻهن ۾ موٽ عزت سان ملندي آهي ۽ پيپلزپارٽي ماڻهن جي عزت سان گڏ سڄي زندگي نه رڳو انهن جي لاءِ حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي پر پيپلزپارٽي هر ڏکئي دور ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
جلسي کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي جمهوريت جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي ٻوڏ ۾ متاثرن جي مدد جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ واحد عوامي جماعت آهي، جنهن جان جا نذرانا ڏئي عوام جي لاءِ جدوجهد ڪئي. اسان جو ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سدائين عوام جي ڳالهه ڪئي، هارين ۽ مزدورن جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو. آئون اڄ حيدرآباد ۽ ٽنڊو ڄام جي عوام کي سلام پيش ڪيان ٿو، جنهن شارٽ نوٽيس تي هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي اسان کي عزت ڏني آهي.
هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان قربانيون ڏنيون آهن ۽ جدوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي آئين ڏنو، ميڊيڪل سهولتون، هارين کي سهولتون ڏئي نوجوانن کي روزگار ڏنو، اسان کي فخر آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوام جي لاءِ جدوجهد ڪئي. ميزائل ٽئڪنالاجي به محترمه ڏني ۽ هن عورتن کي حق ڏني، هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته آصف علي زرداري تي جنهن بينظير انڪم سپورٽ ڏئي عورتن جي مدد ڪئي آهي. جڏهن پاڪستان کي مشڪل حالتن ۾ عمران خان ڇڏي هليو ويو، ان وقت محترم بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ۽ هن دنيا ۾ وڃي آواز اٿاريو.
هن چيو ته عمران خان جلسو اسان جي جلسي جي اڳيان هڪ جلسڙي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان رات ڏينهن هڪ ڪري ٻوڏ متاثرن جي مدد جي انهن کي راشن ڏيڻ کان وٺي پاڻي ڪڍرائي ڏيڻ تائين مڪمل مدد ڪئي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي جيلن ۾ رهي به وڏن وڏن بتن کي ڪيرائڻ جي لاءِ وڏو ڪردار ادا پئي ڪيو آهي.