news-details

حنا رباني کر ڪابل جو دورو، افغان پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي

ڪابل: (اڱارو: 29 نومبر 2022ع) ڪابل ۾ مملڪي وزير وزير حنا رباني کر افغانستان جي پرڏيهي وزير امير جان متقي سان ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
عوامي رابطن ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مملڪتي وزير، افغان ڊپٽي وزير اعظم عبدالسلام حنفي سان به ملاقات ڪئي.
ڪابل ايئرپورٽ تي افغان اقتصادي معاملن جي نائب وزير عبدالطيف پاڪستان وفد کي ڀليڪار ڪيو.
ان موقعي تي پاڪستاني سفارتخاني جا آفيسرن به ڪابل ايئرپورٽ تي موجود هئا.