news-details

حڪومت مهانگائي گهٽ ۽ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: (اڱارو: 29 نومبر 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي ڏکين فيصلن سان ملڪ ڏيوالي جي خطري مان نڪري ويو، حڪومت مهانگائي گهٽ ۽ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان ناليواري عالمي انويسٽمينٽ بئنڪنگ اينڊ ڪيپيٽل مارڪيٽس فرم جيفريز جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به شريڪ هو.
وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي ۽ کين پاڪستان ۾ پنهنجي آفيس کولڻ جي دعوت به ڏني.
هن چيو ته حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ هر قدم کڻي رهي آهي، اتحادي حڪومت جي ڏکين فيصلن سبب ملڪ ڏيوالي جي خطري مان نڪري ويو، پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت غلط ڄاڻ پکيڙي مونجهاري واري بي بنياد ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت مهانگائي گهٽ ڪرڻ ۽ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ٻاهريون خسارو ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.