news-details

ريڪوڊڪ ڪيس ۾ حقيقت اها آهي ته ڪيترائي ارب ڊالر ڏنڊ پاڪستان تي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: (اڱارو: 29 نومبر 2022ع) سپريم ڪورٽ ريڪوڊڪ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي، ريفرنس تي راءِ ايندڙ هفتي ٻڌي ويندي.
چيف جسٽس آف پاڪستان ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ريڪوڊڪ ڪيس ۾ حقيقت اها آهي ته ڪيترن ئي ارب ڊالرن جو ڏنڊ پاڪستان تي آهي، صدر ريڪوڊڪ معاهدي جي قانوني چئلينجن تي راءِ گهري آهي، عدالت بنيادي حقن جي معاملي ۾ محتاط رهندي، ريڪوڊڪ معاهدي ۾ وفاقي حڪومت آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪئي، خوشي آهي ته ريڪوڊڪ معاهدي ۾ عالمي معيار جي پاسداري جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
عدالتي مددگار سلمان اڪرم راجا چيو ته عدالت ريڪوڊڪ معاهدي ۾ ڌر ناهي ته ان تي مهر لڳائي، معاهدي جي ملڪيت سياسي قيادت وٽ ئي رهڻ ڏني وڃي.
جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته معاهدي ۾ قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي تي عدالت راءِ ڏئي سگهي ٿي، سٺي ڳالهه آهي ته سمورا وڪيل ان ڳالهه تي متفق آهن ته ريڪوڊڪ شفاف ۽ عوامي معاهدو آهي.
عدالتي مددگار فروغ نسيم دلين ۾ چيو ته عدالت معاهدي جي مالي نه قانوني معاملن تي راءِ ڏئي ۽ نظر ۾ رکيو وڃي ته پاڪستان تي تقريبن 10 ارب ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو آهي، پاڪستاني عوام سپريم ڪورٽ تي انڌو اعتماد ٿو ڪري، جڏهن مان لنڊن ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هيس ته پڇيو ويو پاڪستان ۾ مارشل لا جي منظوري سپريم ڪورٽ ڇو ڏيندي آهي؟ مان جواب ڏنو ته پاڪستان ۾ ماڻهو آئيني قدمن کي تسليم ڪندا آهن، سپريم ڪورٽ جڏهن مارشل لا کي آئيني قرار ڏيندي آهي ته عوام ان ان کي مڃيندو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ سڀني ڌرين جا دليل مڪمل ٿي ويا، صدارتي ريفرنس تي راءِ ايندڙ هفتي ٻڌائي ويندي.