news-details

عالمي مارڪيٽ ۾ لاٿ باوجود پاڪستان ۾ سون جو اگهه وڌي ويو

ڪراچي: (اڱارو: 29 نومبر 2022ع) عالمي مارڪيٽ ۾ لاٿ باوجود پاڪستان ۾ سون جو اگهه وڌي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 3 ڊالر لاٿ کانپوءِ 1756 ڊالر ٿي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ اگهن ۾ لاٿ باوجود مقامي مارڪيٽ ۾ سون مهانگو ٿيو آهي.
ڪراچي، حيدرآباد، ملتان، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ 300 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 61 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 258 رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 38 هزار 546 رپين جو ٿي ويو آهي.