news-details

وزيراعظم جو اعظم نذير تارڙ جي استعيفيٰ قبولڻ کان انڪار، ڪم جاري رکڻ جي هدايت

اسلام آباد: (اڱارو: 29 نومبر 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف قانون بابت وفاقي وزيراعظم نذير تارڙ جي وزارت تان استعيفيٰ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
وفاقي وزيرن جي وفد سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ۽ کيس وزيراعظم جي فيصلي کان آگاهه ڪيو.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته اعظم نذير تارڙ قانون واري وفاقي وزير جي عهدي تي ذميواريون جاري رکي.
اعظم نذير تارڙ بار ۾ پنهنجي گروپ اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺي ڪابينا ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ وزيراعظم جي درخواست تي سڀاڻي کان ذميواريون سنڀاليندو.
ياد رهي ته اعظم نذير تارڙ 24 آڪٽوبر تي قانون واري وفاقي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.