عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

news-details

اسلام آباد: (خميس: 01 ڊسمبر 2022ع) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ سڀاڻي 2 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندو.
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي به لارجر بينچ جو حصو هوندا.
ٻڌڻي لاءِ عدالت طرفان عمران خان سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ وفاقي گهرو وزارت عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ وڌيڪ شاهديون جمع ڪرايون هيون. گهرو وزارت طرفان جمع ڪرايل شاهدين ۾ مختلف اڳواڻن جا ٽوئٽيس، اخباري ڪٽنگون ۽ 25 مئي جي احتجاج جا مختلف وڊيو ڪلپس به شامل هئا.