گورنر راڄ ۽ بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آهي، ڪوشش ڪنداسين اسيمبليون نه ٽوڙيون وڃن: راڻا ثناءُالله

news-details

اسلام آباد: (خميس: 01 ڊسمبر 2022ع) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ جو عمل ڪڏهن به سياسي پارٽين ۽ ملڪ لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندو. ان ڪري ڪوشش ڪنداسين ته اسيمبليون نه ٽوڙيون وڃن، جڏهن ته گورنر راڄ ۽ بي اعتمادي رٿ آئينا طريقا آهن اهي استعمال ٿي سگهن ٿا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته بحراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبلي مان نڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. جيڪڏهن اوهان کي ڪرپٽ نظام مان نڪرڻو آهي ته صدر کي ڪڍو، سينيٽ مان نڪرو، جي بي ۽ ڪشمير مان به نڪرو.
راڻا ثناءُالله چيو ته ٻڌو آهي ته 20 ڊسمبر تي هي استعيفيٰ ڏيندا؟ جيڪڏهن هنن فيصلو ڪري ورتو آهي ته پوءِ 20 ڊسمبر تائين انتظار ڇو پيو ڪيو وڃي. عمران خان صرف بي اعتمادي رٿ چاهي ٿو ته جيئن ملڪ ۾ افراتفري جي صورتحال پکڙجي.
گهرو وزير چيو ته مسلم ليگ ۽ اتحادي پارٽين سان صلاح مشورا هلي رهيا آهن. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽٽڻ تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ته چونڊون نه ٿينديون مرڪز ۾ ته نگران حڪومت نه هوندي. اسيمبليون ٽوڙڻ جو عمل غير سياسي ۽ غير جمهوري عمل آهي. جيڪڏهن عمران خان ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبليون ٽوڙي ٿو ته آئين قانون موجب هوندو. پهريان قومي اسيمبلي جي استعيفيٰ جي اچي تصديق ڪريو. چونڊن جو بائيڪاٽ، اسيمبلي ٽوڙڻ ڪنهن سياسي پارٽي يا ملڪ جي لاءِ فائديمند ثابت ناهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو امن چاهين ٿا انهن کي رستو ڏيڻ گهرجي. سيڪيورٽي معاملا وفاقي حڪومت جي نظر ۾ آهن. عوام جي لاءِ ڪا پريشاني جي ڳالهه ناهي. مڪمل ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. ڳالهه اڳيان وڌندي ته آپريشن وقت تي ٿيندو، دير نه ٿيندي، آپريشن ته روز ٿي رهيا آهن جيڪي طاقتور آپريشن آهن.
راڻا ثناءُالله چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ جو عمل ڪڏهن به سياسي پارٽين ۽ ملڪ لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندو. ان ڪري ڪوشش ڪنداسين ته اسيمبليون نه ٽوڙيون وڃن. جڏهن ته گورنر راڄ ۽ بي اعتمادي رٿ آئينا طريقا آهن ۽ اهي آپشن استعمال ٿي سگهي ٿا.
گهرو وزير بليلي م دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ٽي ٽي پي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ذميواري قبول ڪئي آهي. ٽي ٽي پي طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردي سموري خطي جي امن لاءِ خطرناڪ آهي. ٽي ٽي پي کي افغانستان مان هر طرح جي سهوليت مليل آهي ۽ افغانستان جي لاءِ به اها ڳالهه فڪر جوڳي هجڻ گهرجي. اهو نه سمجهيو وڃي ته هي آئوٽ آف ڪنٽرول طاقت آهي. بلوچستان، ڪي پي ڪي ۾ صوبائي انتظاميه ۽ ايجنسيون معاملي کي سنجيده وٺن. صوبن کي يقين ڏياريان ٿو ته وفاق طرفان مڪمل مدد ڏني ويندي. سياسي اختلاف هلندا رهندا آهن پر رياست سڀني کان پهريان آهي.