پي ٽي آءِ جي اعليٰ سطحي ڪميٽي 20 ڊسمبر تائين اسيمبليون ٽوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

news-details

لاهور: (خميس: 01 ڊسمبر 2022ع) تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن پارٽي قيادت کي صوبائي اسيمبليون تڪڙيون نه ٽوڙڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب پنجاب سان تعلق رکندڙ ڪجهه ميمبرن اسيمبليون فوري طور تي نه ٽوڙڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته سياسي ڪاڊ کيڏندي ٽائيم کي نظر ۾ رکيو وڃي. ميمبرن راءِ ڏني آهي ته اسيمبليون اهڙي وقت ۾ ٽوڙيون وڃن جڏهن وفاقي ۽ ٻين 2 صوبن جون اسيمبليون ٽوڙڻ جو دٻاءُ وڌي سگهي.
پي ٽي آءِ ميمبرن اسيمبليون تڪڙيون نه ٽوڙڻ جو جواز پيش ڪندي ٻڌايو آهي ته هن وقت تڪن ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ اربين روپين جي ماليت جا ٽينڊرز ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي حڪومتي منصوبا مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهن.
اسيمبليون ٽوڙڻ جي معاملي تي تحريڪ انصاف جي اعليٰ سطحي ڪميٽي پنهنجون سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن. ذريعن موجب ڪميٽي جي ميمبرن طرفان 20 ڊسمبر تائين اسيمبليون ٽوڙڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. هوڏانهن پارٽي جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ ميان اسلم اقبال، محمودالرشيد، حماد اظهر، اعجاز چوڌري ۽ ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا. ذريعن موجب اعليٰ سطحي ڪميٽي جي سفارشن تي پارلياماني بورڊز جي اجلاسن کان پوءِ تاريخ جو حتمي فيصلو عمران خان ڪندا.
ٻئي طرف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان اهم سياسي اڳواڻن جي ملاقات جو سلسلو جاري آهي. ذريعن موجب عمران خان اڄ زمان پارڪ لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي موجود آهن. جتي اهم سياسي اڳواڻ ساڻس ملاقات ڪندا. پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي به اڄ اڳوڻي وزيراعظم سان ٻنپهرن کان پوءِ اهم ملاقات ڪندو.
عمران خان سان وڏي وزير جي ملاقات ۾ پنجاب اسيمبلي جي ٽوڙڻ سميت ٻين معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويندا. جڏهن ته چوڌري پرويز الاهي عمران خان کي پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريندو.