هاڻ غلطي جي گنجائش ناهي: چونڊون روڪڻ جو هر طريقو حڪمرانن جي ڳچي ۾ پوندو:شيخ رشيد

news-details

راولپنڊي: (خميس: 01 ڊسمبر 2022ع) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته جڏهن به عمران خان اسيمبليون ٽوڙيندو ته ان وقت ڪو بيوقوف ميمبر ئي هوندو جيڪو هن سان گڏ بيٺل نه هوندو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشيد احمد لکيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ سان گڏ پي ڊي ايم جي سياست ختم ۽ ن ليگ جي دفن ٿيندي. اڃان به وقت آهي حڪمران ۽ ذميوار چونڊن طرف وڃن. جيڪڏهن هنن چونڊون روڪڻ لاءِ ڪوبه طريقو استعمال ڪيو ته اهو سندن ڳچي ۾ پوندو.
اڳوڻي گهرو وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان مائرن ۽ ڌيئرن جي توهين ڪئي آهي، سموري دنيا ۾ پيٽرول سستو جڏهن ته پاڪستان ۾ پيٽرول تي ڪابه رعايت نه آهي. هاڻ غلطي جي ڪابه گنجائش نه آهي. فيصلي جو وقت اچي ويو آهي. ثابت ٿي ويو ته عمران خان کي هٽائڻ وڏي غلطي هئي.
شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته تيل، گئس ۽ بجلي جي لاءِ پئسا نه آهن پر ڪمپني جي مشهوري لاءِ 2 ارب روپيه آهن. لٺ جي تبديل ٿيڻ سان قانون جو وزير به ٻيهر اچي ويو. لاهور جو فيصلو آخري هوندو هاڻ آر يا پار ٿيندو.