پي ڊي ايم نااهلن جو ٽولو آهي، انهن ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي جرئت آهي نه ئي وٽن اڪثريت آهي: پرويز الاهي

news-details

لاهور: (خميس: 01 ڊسمبر 2022ع) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته پي ڊي ايم نااهلن جو ٽولو آهي، انهن ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي جرئت آهي نه ئي وٽن اڪثريت آهي.
پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ واري معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنهنجن اتحادين سان مشاورت جو سلسلو جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ پرويز خٽڪ جي اڳواڻي ۾ وفد پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ ق ليگ جي ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هاڻوڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران پرويز الاهي پرويز خٽڪ کي مخاطب ڪندي چيو ته هو هر طرح سان تيار ۽ عمران خان گڏ بيٺو آهي ۽ بيٺو رهندو، عمران خان جڏهن کيس حڪم ڏيندو ته هو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو.
ان موقعي تي هن وفاقي سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پي ڊي ايم نااهلن جو ٽولو آهي، اپوزيشن جو هر حربو ناڪام بڻائينداسين.
ملاقات ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو ته تيرنهن جماعتن وٽ نه اڪثريت آهي ۽ نه ئي منجهن ايتري جرئت آهي جو هو بي اعتمادي رٿ پيش ڪري سگهن.
واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ جو حتمي فيصلو عمران خان ۽ چوڌري پرويز الاهي وچ ۾ اڄ ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ سامهون اچڻ جو امڪان آهي.