سياسي نظام تي ڀاشڻ ڏين بند ڪن، فواد چوڌري جو سپريم ڪورٽ خلاف گٿن لفظن جو استعمال

news-details

اسلام آباد: (خميس: 01 ڊسمبر 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري سپريم ڪورٽ خلاف ڳٿن لفظن جو استعمال ڪيو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سپريم ڪورٽ خلاف زهر اوڳاڇيندي فواد چوڌريءَ لکيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي بنيادي ڪم سان ڪم رکي، ان جو بنيادي ڪم حقن جو تحفظ آهي، عدالتن جي بنيادي حقن تي ڪارڪردگي شرم جوڳي آهي.
هن چيو ته عدالتون پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائين ۽ اسان کي سياسي نظام تي ڀاشڻ ڏين بند ڪن، سياسي نظام ۾ تبديلي پاڪستان جي عوام جو حق آهي.