اسلام آباد: (خميس: 01 ڊسمبر 2022ع) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي پنهنجو عزم ورجائيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي چوڻ تي پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ چوندئو ته هڪ منٽ به دير نه ڪندس.
پرويز الاهي زمان پارڪ لاهور ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته عمران خان جي چوڻ تي پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ چوندئو ته هڪ منٽ به دير نه ڪندس، پنجاب اسيمبلي عمران خان جي امانت آهي ۽ اها امانت کيس ڏئي ڇڏي آهي.
هن چيو ته عمران خان جي هر فيصلي جو ساٿ ڏينداسين، اسان جنهن سان گڏ هلندا آهيون، ان جو ڀرپور ساٿ ڏيندا آهيون، غلط فهميون پيدا ڪندڙ اڳ جيان ناڪام رهندا، عمران خان پاڪستان لاءِ لازمي آهي.
ياد رهي ته عمران خان ۽ پرويز الاهي ۾ ملاقات دوران پرويز خٽڪ، مونس الاهي ۽ حسين الاهي به شامل هئا.