سون وڌيڪ مهانگو، في تولو قيمت 1 لک 63 هزار کان وڌي وئي

news-details

ڪراچي: (جمعو: 02 ڊسمبر 2022ع) ملڪ ۾ سون جي قميت ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 750 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 63 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 643 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 40 هزار 175 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 19 ڊالر وڌڻ سان 1799 ڊالر في اونس آهي.