ملڪ جي موجوده صورتحال کي ڏسندي ڪو غير ذميواراڻو بيان نه ڏيندس: شوڪت ترين

news-details

ڪراچي: (جمعو: 02 ڊسمبر 2022ع) ناڻي بابت اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ملڪ جي موجوده صورتحال کي ڏسندي ڪو غير ذميواراڻو بيان نه ڏيندس، ملڪ ڏيوالي ڏانهن نه پيو وڃي، معاشي صورتحال سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي سگهي ٿو.
سنڌ هائوس ۾ معاشي ماهر مزمل اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسٽيٽ بئنڪ معيشت جي بدحالي تي رپورٽ جاري ڪئي، جنهن ۾ بئنڪن وٽ ذخيرا ختم ٿيڻ جو اشارو به ڏنو ويو هو، ان صورتحال ۾ سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهي ڊالر کي 200 کان هيٺ ڪيئن آڻيندا؟
هن چيو ته هن وقت ڊالر جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ هر شئي مهانگي ٿي رهي آهي، حڪومتي وزيرن جي ڪوششن باوجود ايل سي نه پئي کپي، حڪومت پيٽرول جي قيمت به گهٽ نه ڪئي.
سندس موجب ٻڌو آهي ته روس سستو ٿيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت کي روس سان ٻيهر ڳالهيون ڪرڻيون پونديون ته جيئن سستو تيل ملي سگهي.