ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن سون جي قيمتن ۾ ٿوري گهٽتائي

news-details

ڪراچي: (ڇنڇر: 03 ڊسمبر 2022ع) عالمي مارڪيٽ سان گڏ پاڪستان ۾ به اڄ سون جي قميت ۾ لاٿ ٿي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت هڪ ڊالر گهٽ ٿيڻ کانپوءِ 1798 ڊالر جي سطح تي اچي وئي آهي.
جڏهن ته پاڪستان ۾ به ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن في تولي ۽ اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت ۾ ترتيب وار 200 رپيا ۽ 172 رپيا معمولي لاٿ ٿي.
قميت گهٽجڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 63 هزار 300 رپيا.
هوڏانهن 10 گرام سون جي قيمت هڪ لک 28 هزار 336 رپيا ٿي وئي آهي.