آءِ فون ۾ بنا واءِ فاءِ ۽ نيٽورڪ جي پيغام موڪلڻ واري اپ ڊيٽ اچي وئي

news-details

ڪيليفورنيا: (آچر: 04 ڊسمبر 2022ع) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل آئي فون 14 ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن ۾ آپريٽنگ سسٽم جي 16.1 اپڊيٽ سان گڏ ايمرجنسي ايس او ايس بي سيٽلائيٽ شامل آهي.
آئي فون 14 سيريز ۾ هن فيچر سان صارف انهن علائقن ۾ ايمرجنسي سروسز سان رابطو ڪري سگهن ٿا جتي موبائيل فون يا وائي فائي ذريعي رابطي جي سهولت موجود ناهي.
رپورٽ موجب، هڪ شخص اهو فيچر آزمايو جڏهن هو آمريڪي رياست الاسڪا جي هڪ ڳوٺاڻي علائقي ۾ ڦاٿل هو.
ريسڪيو اهلڪارن جلد ئي کيس ڳولي ورتو جتي هن پنهنجي لوڪيشن شيئر ڪئي هئي ۽ هن کي ڪاميابي سان بچايو ويو.