وياج وٺڻ تي ڏهه سال سزا مقرر ڪئي وئي آهي: پرويز الاهي

news-details

لاهور: (آچر: 04 ڊسمبر 2022ع) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته نجي سطح تي وياج وٺڻ تي 10 سال سزا مقرر ڪئي وئي آهي.
پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان عالمن جي وفد وفاق المدراس العربيا جي صدر جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته عالمن جي دعائن ۽ برڪت سان سمورا ڪم سڌا ٿي رهيا آهن، پنجاب ۾ شاگردن لاءِ ناظرا ۽ قرآن جو ترجمو لازم ڪيو ويو آهي، ٻارن جو ذهن دين ڏانهن راغب ٿيندو ته قوم بڻجندي، ناظرا، قرآن جو ترجمو پڙهائڻ لاءِ عالمن، حافظن جون هڪ لک نوڪريون پيدا ٿين ٿيون.
چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته نجي سطح تي وياج وٺڻ تي 10 سال جي سزا مقرر ڪئي وئي آهي ۽ ختم نبوت صه عقيدي لاءِ به قانونسازي ڪئي وئي آهي، پهريون ڀيرو نڪاح نامي ۾ ختم نبوت صه جو عقيدو شامل ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي مفتي تقي عثماني جو چوڻ هو ته توهان دين جي خدمت ڪري رهيا آهيو، عالم توهان لاءِ دعاگا آهن.