اتحادين عمران خان سان ڪم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: سنڌ جو وڏي وزير

news-details

ڪراچي: (آچر: 04 ڊسمبر 2022ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته عمران خان گھڻو ڪجهه سکي ورتو هوندو، هاڻ هن ۾ سنجيدگي اچڻ گھرجي، اتحادين عمران خان سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته عمران خان بي اعتمادي ذريعي جمهوريت طريقي سان ڪڍيو ويو، هو پنهنجي ڪارڪردگي ناهي ڏسندو، الله جو شڪر آهي سندس اقتدار ختم ٿي ويو.
هن چيو ته پاڪستان جي بهتري لاءِ ڳالهه ٻولهه ضروري آهي، جيڪڏهن عمران خان کي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي ته ان ۾ شرط ناهن رکيا ويندا.
سندس چوڻ هو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان رليف ۽ ريسڪيو جي عمل مان گذري وياسين، ائين ناهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ به عمران خان ٽيلي ٿون ذريعي پيسا گڏ ڪيا هئا، اهي پئسا ڪيڏانهن ويا ڪنهن کي خبر ئي ناهي.