اسلام آباد: (آچر: 04 ڊسمبر 2022ع) سپريم ڪورٽ فيصل واوڊا نااهلي ڪيس جو مختصر لکت واري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
چئن صفحن تي مشتمل فيصلو چيف جسٽس عمر عطابنديال لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ اميدوار کي اليڪشن کان اڳ نااهل ڪرڻ جو اختيار ناهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به قانون جي نظر ۾ برقرار نٿو رکي سگھجي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن ۽ هاءِ ڪورٽ جو تاحيات نااهلي فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.
سپريم ڪورٽ پاران چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا عدالت کي ٻڌايو ته 25 جون 2018 تي شهريت ختم ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ مليو، فيصل واوڊا تسليم ڪيو ته کائنس غلط بياني ٿي آهي.
فيصلي موجب فيصل واوڊا 2018 ۾ اسيمبلي ميمبر بڻجڻ لاءِ اهل نه هيو، سندس پاران غلطي تسليم ڪرڻ تي آرٽيڪل 63 ون سي لاڳو ٿئي ٿو، هو هاڻوڪي اسيمبلي جي مدت تائين نااهل تصور هوندو.
سپريم ڪورٽ پاران جاري فيصلي ۾ چيو ويو ته فيصل واوڊا ايندڙ چونڊن لاءِ اهل هوندو، فيصل واوڊا سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ فوري طور سينيٽ چيئرمين ڏانهن اماڻي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 25 نومبر تي فيصل واوڊا ڪيس جو فيصلو ٻڌايو هو.