جنرل (ر) باجوا چيو هو ته توهان ۽ توهان جي دوستن جو عمران خان وارو رستو بهتر آهي: پنجاب جو وڏي وزير

news-details

لاهور: (آچر: 04 ڊسمبر 2022ع) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي انڪشاف ڪيو آهي ته ن ليگ ڏانهن ويندي ويندي الله رستو تبديل ڪيو ۽ رستو ڏيکارڻ لاءِ الله جنرل (ر) باجوا کي موڪلي ڇڏيو.
گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي سان انٽرويو دوران عمران خان جي اتحادي ۽ ق ليگ اڳواڻ مونس الاهي دعويٰ ڪئي هئي ته جنرل (ر) باجوا پي ٽي آءِ کي سپورٽ ڪيو پر هن بي اعتمادي رٿ وقت به کيس يعني مونس الاهي کي چيو ته هو عمران خان سان گڏ وڃي.
هاڻ مونس الاهي جي پيءُ پرويز الاهي به تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته کيس جنرل (ر) باجوا چيو هو ته توهان ۽ توهان جي دوستن جو عمران خان وارو رستو بهتر آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي کي انٽرويو دوران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو هو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ڊبل گيم کيڏائي، کيس واڌ ڏيڻ غلطي هئي.