اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هڪ دفعو ٻيهر نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (سومر: 05 ڊسمبر 2022ع) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هڪ دفعو ٻيهر نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته احتساب جو نالي ماتر عملي هلي هلي هيو آهي ۽ اهو عمل صرف سياستدانن کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ آهي.
هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته ملڪ جي بقا لاءِ نيب جي اداري کي ختم ٿيڻ گهرجي. ڪيترن سالن کان مان هتي اچي رهيو آهيان ۽ 70 کان کان وڌيڪ پيشگيون ڀڳتي چڪو آهيان.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب اسان مٿان ڪرپشن جو ڪوبه الزام ناهي لڳايو. اسان جو ڏوهاري نيب چيئرمين آهي. اسان کي ان کان حساب وٺڻو آهي. اڄڪلهه اعتراف جو زمانو آهي. جاويد اقبال به ان جو اعتراف ڪري وٺي. جيترو نقصان جاويد اقبال ۽ نيب ملڪ کي پهچايو اهو ڪنهن به ناهي پهچايو.