اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪابه ڊبل گيم نه کيڏي، اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: پرويز الاهي

news-details

لاهور: (سومر: 05 ڊسمبر 2022ع) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪابه ڊبل گيم نه کيڏي. ن ليگ طرفان ويندي ويندي رب پاڪ رستو تبديل ڪرايو، صحيح رستو ڏيکارڻ لاءِ رب پاڪ اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه کي اماڻيو.
پنجاب جي وڏي وزير چيو ته منهنجي باجوه سان ملاقات دوران مون شريفن کان خطرا ظاهر ڪيا. جنهن تي جنرل باجوه مون کي چيو ته سوچي هلو، اوهان ۽ اوهان جي دوستن لاءِ عمران خان وارو رستو بهتر آهي. وڏي وزير چيو ته عمران خان چوڻ تي پنجاب اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ تيار آهيان، مارچ تائين انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. اپوزيشن وٽ ڳالهين لاءِ سٺو موقعو آهي.
پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار بابت ڳالهيون ڪندي پرويز الاهي چيو ته عثمان بزدار تعلقه ناظم نٿو بڻجي سگهي منهنجي چوڻ تي کيس پنجاب جو وڏو وزير بنايو ويو. پرويز الاهي چيو ته جنرل فيض عثمان بزدار جي معاملي تي اسان جي ڳالهه ٻڌي ها ته اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين ها. جنرل باجوه يا عمران خان ڪنهن به ڊبل گيم ناهي کيڏي ڪنهن جي چوڻ تي نه پنهنجي مرضي سان عمران خان جو ساٿ ڏنو.
پرويز الاهي چيو ته مارچ تائين اسيمبليون نه ٽوڙينداسين. اسيمبليون ٽوڙڻ بابت لکت ۾ ڪابه ڳالهه ناهي ٿي، صرف زباني ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ادارن سان اسان جا پراڻا لاڳاپا آهن. ادارن جي جيترو ويجهو هونداسين حالتن تي وڌيڪ نظر رهندي.
پنجاب جي وڏي وزير چيو ته عمران خان کي حلف کڻڻ کان اڳ ئي چيو هو ته جڏهن چوندو اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين. مونس الاهي چيو ته جنرل باجوه تي تنقيد نه ڪئي وڃي. مارچ تائين اصلاحات ۽ چونڊن تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، اسان کي ادارن مٿان تنقيد نه ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته(ق) ليگ کي عمران خان مٿان مڪمل ڀروسو آهي. اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو حڪومت جي رويي تي ٻڌل آهي. اسان جي اها پاليسي ناهي ته ادارن خلاف ڳالهايون. اسان زبان ڪئي آهي ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.