news-details

عمران خان ڪجهه ڏينهن ۾ اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيندو: شاهه محمود

لاهور: (اربع: 07 ڊسمبر 2022ع) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان کي اسيمبليون ٽوڙڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي، هو ڪجهه ڏينهن ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ جو ارادو رکي ٿو.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته قومي اسيمبلي مان اسان جا ميمبر اڳ ئي ٻاهر اچي چڪا آهن، اسان پارليامينٽ جو عملي طور تي حصو ناهيون.
هن چيو ته اڄ سڀني کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، سڀني مسئلن جو حل چونڊن ۾ آهي، خواهش آهي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ رمضان کان اڳ چونڊن جو عمل مڪمل ٿي وڃي.
سندس چوڻ هو ته معيشت تيزيءَ سان ڪِري رهي آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه پئي ٿئي، اعتماد گهٽجندو ويو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو، اهڙو ڪو قدم نه کڻنداسين، جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي.