اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سلمان شهباز کي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (خميس: 08 ڊسمبر 2022ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي پٽ سلمان شهباز کي 13 ڊسمبر تائين عدالت ۾ سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورت عامر فاروق سلمان شهباز جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سلمان شهباز جي وڪيل ايڊووڪيٽ امجد پرويز چيو ته سلمان شهباز آڪٽوبر 2018 کان پرڏيهه ۾ آهي ان کان پوءِ ايف آءِ آر داخل ٿي آهي جنهن تي عدالت چيو ته پٽيشنر جي غير موجودگي ۾ حفاظتي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي.
امجد پرويز چيو ته 11 ڊسمبر تي سلمان شهباز پاڪستان واپس ايندو. استدعا آهي ته ايئرپورٽ تان عدالت اچڻ تائين اختيارين کي سلمان شهباز کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي. ان موقعي تي وڪيل امجد پرويز سلمان شهباز جو ايئر ٽڪيٽ به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سامهون پيش ڪيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سلمان شهباز جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي کيس ملڪ واپسي تي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ سلمان شهباز کي 13 ڊسمبر تائين عدالت ۾ سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.