news-details

ڪراچي: ايم ڪيو ايم ٽن ضلعن لاءِ ايڊمنسٽريٽر جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

ڪراچي: (خميس: 08 ڊسمبر 2022ع) ايم ڪيو ايم پاڪستان 3 ضلعن جي لاءِ ايڊمنسٽريٽرز جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب ضلعي وسطي جي ايڊمنسٽريٽر جي لاءِ سرڪاري آفيسر شريف خان جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ضلعي شرقي جي ايڊمنسٽريٽر جي لاءِ سرڪاري آفيسر شڪيل احمد جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ضلعي ڪورنگي جي ايڊمنسٽريٽر جي لاءِ سرڪاري آفيسر فرقان طيب جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اهي نالا گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي جي گورنر هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ فائنل ڪيا ويا.
ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ ضلعي شرقي جي ايڊمنسٽريٽر کي تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جو نالو به اڄ متوقع آهي. پيپلز پارٽي طرفان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي طئي ڪيل نالن جي منظوري ڏني ويندي.