news-details

مولانا فضل الرحمان چونڊن ۾ سڀني کان وڏي رنڊڪ بڻيل آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي: (خميس: 08 ڊسمبر 2022ع) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان چونڊن ۾ سڀني کان وڏي رنڊڪ بڻيل آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد حڪومتي اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي چونڊن ۾ رنڊڪ قرار ڏيندي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڳالهين سان چونڊن جو رستو نٿو نڪري ته صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه آهي. هن چيو ته حڪومتي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) عوام ۾ وڃڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي. حڪومت جي پاليسي آهي ته نه پاڻ کيڏنداسين نه ئي ڪنهن کي کيڏڻ ڏينداسين.
اڳوڻي گهرو وزير چيو ته سموريون پارٽيون تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو رستو روڪڻ لاءِ گڏ ٿيون آهن. هن چيو ته ملڪ جي معيشت ئي قومي سلامتي آهي.
هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته جهڙي طرح جون حالتون ٿي رهيون آهن حڪمرانن وٽ اسيمبليون ٽوڙڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه آهي. جنهن ڊار کي معيشت جو ارسطو بنائي پيش ڪيو ويو ان معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو. نيو ڪليئر پاور وٽ پورٽ تان بصر ڇڏرائڻ جا به پئسا نه آهن. جلد ٻڌندو ته پگهارن ۽ پينشن جا به پئسا نه آهن.
شيخ رشيد دعويٰ ڪندي وڌيڪ چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ دير نه ڪنداسين. هن ملڪ کي معاشي بحران مان صرف عمران خان ئي ڪڍي سگهي ٿو.