مرتضيٰ وهاب جي جڳهه ڊاڪٽر سيف الرحمان ڪراچي جو نئون ايڊمنسٽريٽر مقرر

news-details

ڪراچي: (خميس: 08 ڊسمبر 2022ع) ڪراچي جي نئين ايڊمنسٽريٽر جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ اتفاق ٿي ويو جنهن جي تحت ڊاڪٽر سيف الرحمان ڪراچي جو نئون ايڊمنسٽريٽر هوندو.
ذريعن موجب پيپلز پارٽي آخرڪار ايم ڪيو ايم جو مطالبو مڃي ورتو آهي. ٻن مهينن کان عدالتن جي فيصلن سبب استعيفيٰ ڏيندڙ مرتضيٰ وهاب هاڻ ايڊمنسٽريٽر جي عهدي تي نه رهندو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، شرجيل ميمڻ، سعيد غني ۽ مڪيش ڪمار چاولا به شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب به موجود هئو.
ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي لاءِ ايم ڪيو ايم طرفان سيف الرحمان ۽ عبدالوسيم جا نالا ڏنا ويا هئا. سيف الرحمان هن وقت سنڌ جي گورنر جو پرنسپل سيڪريٽري جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي ۽ ميونسپل ڪمشنر جو ايم سي به رهي چڪو آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ عبدالوسيم به قومي اسيمبلي جو ميمبر به رهي چڪو آهي.
ياد رهي ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جا ووٽ حاصل ڪري ايڊمنسٽريٽر جو عهدو ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.