news-details

توشه خانه ريفرنس: عمران خان نااهلي ڪيس تي جلد ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪنداسين: اسلام آباد هاءِڪورٽ

اسلام آباد: (خميس: 08 ڊسمبر 2022ع) توشه خانه ريفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان عمران خان جي نااهلي ڪيس بابت چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته عدالت جلد ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪندي.
اليڪشن ڪميشن طرفان توشه خانه ريفرنس ڪيس ۾ نااهلي جي فيصلي خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي جتي عدالت ڪيس حتمي دليلن جي لاءِ 13 ڊسمبر تي مقرر ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي جي موقعي تي عمران خان جي وڪيل علي ظفر، اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن، ليگي اڳواڻ محسن شاهنواز رانجها پنهنجي وڪيل سان گڏ ۽ ٻيا عدالت جي سامهون پيش ٿيا. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ محسن شاهنواز رانجها کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان جو ريفرنس هو؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته اسان درخواست قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڏني هئي جنهن اليڪشن ڪميشن کي ريفرنس اماڻيو هو.
عمران خان جي وڪيل علي ظفر استدعا ڪئي ته عدالت ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ ڪوبه قدم کڻڻ کان روڪي. اليڪشن ڪميشن فوجداري ڪارروائي جي لاءِ ڪمپلينٽ فائل ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن پارٽي سربراهه کي هٽائڻ بابت به ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن جي نمائندن ٻڌايو ته اسان کي عدالت اڳ ئي روڪي رکيو آهي. اسان ڪابه ڪارروائي اڳيان نه پيا وڌايون، جنهن تي وڪيل علي ظفر عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن 13 ڊسمبر جي لاءِ هڪ ٻيو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ان کي روڪي.
جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته عدالت هن ڪيس جي جلد کان جلد ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪندي.