news-details

منهنجي بدلي ٿيڻ واري آهي: جج اعظم سواتي جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (خميس: 08 ڊسمبر 2022ع) ادارن خلاف تڪراري ٽوئٽ ۽ تقرير ڪرڻ جي ڪيس ۾ اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
اسپيشل جج سينٽرل راجه آصف محمود ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اعظم سواتي طرفان سندس وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران جج راجه آصف محمود چيو ته منهنجي ٻئي عدالت ۾ بدلي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ وارو آهي. نئون مقرر ٿيندڙ جج صاحب اهو ڪيس ٻڌندو. جيڪڏهن بدلي جو نوٽيفڪيشن نه نڪتو ته پوءِ اوهان جي به درخواست ٻڌي وٺنداسين.
ياد رهي ته اعظم سواتي هن وقت پنج ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي بلوچستان پوليس وٽ گرفتار آهي. اسلام آباد ۾ داخل ڪيس ۾ عدالت اعظم سواتي کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو هو.