برطانوي اخبار ڊيلي ميل شهباز شريف کان معافي گهري ورتي

news-details

لنڊن: (خميس: 08 ڊسمبر 2022ع) برطانوي اخبار ڊيلي ميل وزيراعظم شهباز شريف کان معافي گهري ورتي.
برطانوي اخبار ڊيلي ميل 14 جولاءِ 2019 ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ الزام هنيو هو ته شريف خاندان ٻوڏ متاثرن جي فنڊن ۾ خرد برد ڪئي.
ڊيلي ميل جو چوڻ هو ته نيب طرفان شهباز شريف بابت جاچ جو اطلاع ڏنو ويو هو، نيب چيو هو ته چوري ٿيل رقم ۾ ڊي ايف آءِ ڊي جي ٻوڏ سٽيلن لاءِ ڏنل گرانٽ به شامل هئي.
هاڻ ڊيلي ميل شهباز شريف کان معافي گهرندي چيو آهي ته قبول ڪيون ٿا شهباز شريف ڪو غلط ڪم نه ڪيو، شهباز شريف سان معذرت ڪيون ٿا.