سنڌ ۾ سرڪاري ڊاڪٽرن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري

news-details

ڪراچي: (خميس: 15 ڊسمبر 2022ع) سنڌ حڪومت پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽرز ۽ هائوس آفيسرن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينه جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي معاملو اجلاس ۾ بحث هيٺ آيو ڪابينه مشاورت کان پوءِ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جو اهو مطالبو منظور ڪري ورتو.
سنڌ جي پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽرز جون پگهارون 73 هزار مان وڌائي 1 لک 4 هزار روپيه ۽ هائوس آفيسر ڊاڪٽرز جون پگهارون 40 هزار مان وڌائي 69 هزار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ناڻي واري سيڪريٽري بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پگهارن ۾ واڌ جي فيصلي کان پوءِ سرڪاري ناڻي تي ساليانو هڪ ارب 60 ڪروڙ روپين جو بار پوندو. صحت کاتي ان حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته صحت واري وزارت ۽ ڪي پي ڪي حڪومت به پگهارون وڌائي چڪي آهي. جنهن کان پوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ڊاڪٽرن جون پگهارون ٻين صوبن جي برابر ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون هيون.
هوڏانهن سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ رهندڙ 275 ڌاڙيلن، چورن، دهشتگردن ۽ اشتهاري جوابدارن تي انعام جي رقم مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. دهشتگردن جي قيمت 10 لک کان 80 لک روپين تائين مقرر ڪئي وئي آهي.